پوئٽري سوسائٽي

پوئٽري سوسائٽي: پوئٽري سوسائٽي (Poetry Society) شاعريءَ جي واڌ ۽ ترقيءَ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مرڪز لنڊن ۾ هو ۽ ان جون شاخون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قائم هيون. هن سوسائٽيءَ جو مقصد انگريزي شاعريءَ کي دنيا ۾ ۽ دنيا جي ٻي ملڪن جي شاعريءَ کي انگلنڊ ۾ پکيڙڻ ۽ آگاهي ڏيڻ هو. علامه آءِ. آءِ. قاضي لنڊن ۾ پنهنجي رهائش دوران ”لنڊن پوئٽري سوسائٽيءَ“ جو فيلو ۽ نائب صدر رهيو ۽ انگريزي شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو هو. 1924ع ۾ پاڻ جڏهن خيرپور ۾ سيشن جج هو ته سنڌ ۾ پوئٽري سوسائٽيءَ جو بنياد وجهي، حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ان جون شاخون قائم ڪيائين. پوئٽري سوسائٽيءَ جو سنڌ ۾ سرپرست ۽ صدر خيرپور رياست جو مير علي نواز خان ”ناز“ ۽ نائب صدر سندس وزير ايم. ڪي. شيخ هو. اُن وقت پوئٽري سوسائٽيءَ طرفان هڪ رسالو پوئٽري رويو (Poetry Review) به شايع ٿيندو هو.


لفظ پوئٽري سوسائٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو